غلام حسين شيخ

غلام حسين شيخ : مشهور قانوندان ۽ اديب غلام حسين ولد بنگل شيخ، 20 مئي 1875ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد شڪارپور جي ناميارن طبيبن ۾ شمار ٿيندو هو، جنهن پنهنجي هوشياري ۽ قابليت سان چڱو نالو ڪمايو. غلام حسين شيخ جي ابتدائي تعليم ۽ تربيت والد جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. اڃا تيرنهن ورهين جو مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو. هن تعليم جاري رکڻ سان گڏ ڪورٽ ۾ نوڪري پڻ ڪئي. هو ننڍپڻ کان نهايت ئي هوشيار هو. مطالعي جو بيحد شوقين هو. ادب، شعر، شاعري، تصوف ۽ قانون جو گهرو مطالعو ڪيو هئائين. ڪڏهن ڪڏهن شعر به لکندو هو. اڪثر ڪري شاعريءَ ۾ ’فقير‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هو علي نواز علوي، مفتون همايوني ۽ پير صالح شاهه راڻيپوري واري جو ويجهو دوست هو. پاڻ صالح شاهه جو خليفو به سڏائيندو هو. غلام حسين شيخ خوش مزاج ۽ با اخلاق انسان هو. هن ٽي شاديون ڪيون. پهرين گهر واريءَ جي وفات بعد عشق جي ٻي شادي ڪيائين، ان جي جيئري ئي ٽين شادي عشق مان ڪيائين. سندس ٽين شاديءَ جي عشق جو قصو نامور محقق ڏوڏيجا لوڪرام پنهنجي ڪتاب ‘منهنجو شهر منهنجا ماڻهو’ ۾ ڪندي لکي ٿو ته: “شڪارپور ۾ ٻڍا منڊليءَ جي ويجهو هڪ بيوهه ڍاڪري ٻائي رهندي هئي. جنهن جي سهڻي ڌيءَ دادن بيکي مل بقاليءَ سان پرڻيل هئي، پر سندس عشق غلام حسين سان ٿي پيو ۽ مسلمان ٿي غلام حسين سان شادي ڪيائين، جنهن مان نامور شاعر شيخ اياز ڄائو.” غلام حسين شيخ کي قانون جو گهرو مطالعو هو. ڪيترائي وڪيل وقت بوقت ساڻس صلاح مشورو ڪندا هئا. غلام حسين جي شاعريءَ ڏانهن به طيبعت مائل رهي. هيءُ ان وقت جي نامور شاعرن مير علي نواز علوي، آخوند عبدالقادر، بيدل ڀٽو ۽ سائين صالح شاهه راڻيپوريءَ سان اڪثر سخن جون محفلون ڪندو هو. هيءَ آخر ۾ سلهه جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن سبب 13 مارچ 1935ع تي وفات ڪيائين. سندس پٽ شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو تمام وڏو نالو آهي.


لفظ غلام حسين شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1875.05.20  عيسوي

اديب غلام حسين ولد بنگل شيخ، 20 مئي 1875ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


1935.03.13  عيسوي

شيخ غلام حسين سلهه جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهن سبب 13 مارچ 1935ع تي وفات ڪيائين.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مصطفيٰ سولنگي 2
سيد شاهه محمد شاهه
ناصر بلوچ
صديق سالڪ برگيڊيئر
علي نواز آريسر
ظفر حسن
حشمت پارواڻي
حداد محمد علي
عثمان علي انصاري
مرتضيٰ سيال
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون